اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي ورڪرز ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ سنڌ جو گورنر عمر??ن اسماعيل، قومي اسيمبلي ميمبر آفتا?? صديقي، صوبائي اسيمبلي ميمبرن حليم عادل شيخ، خرم شير زمان، سعيد آفريدي، ج??ال صديقي، شاهنواز جدون، علي عزيز، شهزاد قريشي، پارٽي ميمبرن ڊاڪٽر سيما ضياءَ، عدن??ن اسماعيل، محسن گهمڻ، ملڪ عارف عدنان، راجيش ڪمار، رميش ڪمار ۽ امين محمد شامل هئا. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو عوامي ميڙ امر بالمعروف جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي ملڪي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي ترقي جي لاءِ کنيل قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي تڪن ۾ پارٽي کي منظم ڪرڻ ۽ چونڊيل نمائندن کي عوامي فلاحي منصوبن تي اڳڀرائي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم عمران خان سان سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي ورڪرز جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار