اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٽن اهلڪارن سميت 6 ماڻهن جي شه??دت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي مذمت ڪندي لانس حوالدار زبير قادر، سپاهي عزيز اصغر ۽ سپاهي قاسم مقصود جي شه??دت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سندن قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شه??از شريف خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٻارن 4 سالا ا??عم?? 8 سالا احسن ۽ 11 سالا احمد حسن جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته معصوم ٻارن جا قاتل اسلام ۽ انسانيت ٻنهي جا دشمن آهن، ان سفاڪ وحشت ۽ درندگي جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين، قاتلن جي سرپرستن کي سزا ڏئي رهنداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪ فو?? جون عظيم قربانيون اسان جي تاريخ جو سنهري باب آهي، پنهنجي شهيدن تي پوري قوم کي فخر آهي، شجاعت ۽ شه??دت اسان جي فوج جي شاندار روايت آهي، اسان جي شهيدن ان کي برقرار رکيو آهي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ شهيدن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٽن اهلڪارن سميت 6 ماڻهن جي شهادت تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب