اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير مريم اورنگزيب جو??ري ڌماڪن جي سالگرهه تي قوم، قيادت ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته تڪبير جو ڏهاڙو تاريخ جو سن??ري ۽ يادگار ڏينهن آهي، جڏهن پاڪستان اعلان ڪيو ته ان کي ڪير به غلام نٿو بڻائي سگهي، يوم تڪبير اعلان هو ته پاڪستان آزاد ٿيو، آزاد آهي ۽ آزاد رهندو. تڪبير جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي ??زير ذوالفقار علي ڀٽو کان نواز شريف تائين سڀني اڳواڻن کي سلام پيش ڪندي چيو ته شهيد ڀٽو ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو جڏهن ته نواز شريف ان جي پڄاڻي ڪئي، نواز شريف دنيا تي ثابت ڪيو ته اسان کي خريد نٿو ڪري سگهجي نه ئي جهڪائي سگهجي ٿو. هن چيو ته جو??ري پروگرام جو تسلسل پاڪستان جي پنهنجي دفاع لاءِ ڪو ٺاهه نه ڪرڻ جو تار??خي ثبوت آهي. اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته جو??ري پروگرام کي ٺاهڻ، پروان چاڙهن ۽ ان جو عمل مظاهرو ڪرڻ وارو هر ماڻهو قوم جو هيرو آهي جنهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته وزيراعظ?? شهباز شريف تڪبير جي ڏهاڙي تي 10 ڏينهن تقريبن جو اعلان ڪيو آهي، اتحاد جي جذبي سان اها خوشي ملهائينداسين، اطلاعات واري وفاقي ??زير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي آزادي، خودمختياري ۽ قومي مفادن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو، هن چيو ته تڪبير جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظ?? شهباز شريف جو ميثاق معيشت جو اعلان پاڪستان کي حقيقي ??عاشي آزادي ڏيارڻ طرف تار??خي قدم آهي، هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان ايٽمي پروگرام جي معمار ڊاڪٽر عبدالقدير خان مرحوم ۽ ان جي ٽيم ۽ سڀني سياستدانن کي سلام پيش ڪريون ٿا.
مريم اورنگزيب پاران جوهري ڌماڪن جي سالگرهه تي قوم کي مبارڪباد پيش
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار