گلگت/اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هاءِ اسڪول نمبر 1 گلگت ۾ ٻارن کي ٽيڪنالاجي سان متعارف ڪرائڻ جي ??لس??ي ۾ لڳايل ڪيمپ جو دورو ڪيو، صدر اسڪول ??ي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي جديد ٽيڪنالاجي جهڙوڪ ڪمپ??وٽ?? پروگرامنگ، ويب ڊولپمينٽ جي تربيت ڏيڻ جي ??دم?? جي واکاڻ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب گلگت ۾ ڪيمپ جي دوري دوران صدر کي ٽيڪنالاجي ڪيمپ ۾ فراهم ڪيل سهولتن جي باري ۾ ٻڌايو ويو، شروعاتي طور تي 30 سرڪاري اسڪولن جي 1500 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي بنيادي ٽيڪنالاجي ۾ تربيت ڏني ويندي، ايندڙ مرحلي ۾ ان اهم پروگرام کي 130 سرڪاري اسڪولن تائين سگهه ڏني ويندي، صدر انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مهارت حاصل ڪندڙ شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي، هن گلگت ۾ ٽيڪنالاجي بوٽ ڪيمپ جو باقاعده افتتاح به ڪيو.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل