اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ کي درپيش بحرانن کي منهن ??يڻ ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪر?? جي لاءِ سياسي قوتن جي وچ ۾ ڳ??له?? ٻولهه ضروري آهي، ان سلسلي ۾ کيس مثبت اڳڀرائي جي اميد آهي. نجي ٽيليويزن چينل ”جيو نيوز“ کي هڪ انٽرويو ڏيندي صدر ??يو ته هو سدائين سياسي قوتن جي وچ ۾ ڳ??له?? ٻولهه جو حامي رهيو آهي ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪر?? جي سلسلي ۾ پردي پويان رابطا ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته آئون ان حوالي سان ڪا اڳڪٿي نه ڪندس پر اهو چئي سگهان ٿو ته آئون پراميد آهيان، مثبت ڪوششون ڪارائتيون ٿابت ٿينديون. وقت کان اڳ چونڊن جي تڪرار جي حوالي سان صدر ??يو ته سياسي قوتن جي وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪري ان مسئلي کي حل ڪرڻ گهرجي. ٻوڏ جي وسيع چئلينج تي ڳالهائيندي صدر ??يو ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز سميت سمورا ادارا ٻوڏ کان متاثر ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ ۽ ريليف ??يڻ جي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته قومي معيشت ڪوويڊ 19، ٻوڏ، حڪ??مت جي تبديلي ۽ يوڪرين جي جنگ جي ڪري متاثر آهي. ايندڙ آرمي چيف جي مقرري بابت هڪ سوال تي صدر ??يو ته ان معاملي کي تعميري ڳ??له?? ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم شهباز شريف سان لاڳاپن بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته ان سان سٺا لاڳاپا آهن جيئن ته ٻنهي جي وچ ۾ اڪثر ايڊوائيسز تي اتفاق راءِ ڏٺو ويو آهي. صدر ??يو ته هن اوورسيز ووٽنگ، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ قومي احتساب بيورو جي بلز جي منظوري ??يڻ کان انڪار ڪيو آهي ڇو ته خامين کي ختم ڪرڻ بدران پوري اداري کي ختم نه ڪرڻ گهرجي. صدر عارف علوي چيو ته هو آءِ ايم ايف معاهدي جي ڪاميابي تي خوش آهي ڇو ته ان سان ٻين عالمي مالياتي ادارن ۽ دوست ملڪن کان فنڊنگ جي راهه هموار ٿيندي. هن چيو ته معاشي استحڪام جي لاءِ پاليسين ۾ تسلسل ضروري آهي. ان سوال تي ته هو صدارتي يا پارلياماني نظام مان ڪنهن جي حق ۾ آهي، صدر ??يو ته چونڊيل ماڻهو وڌيڪ اهم آهن ڇو ته خراب ۽ سٺي وزيراعظم يا صدر ٻنهي جا مثال موجود آهن. صدر ??اڪٽر عارف علوي عمران خان جي غيرملڪي مداخلت جي الزامن جي جاچ جي نتيجن کي عام ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته هن وزيراعظم کي لکيل خط ۾ به ان تي زور ڏنو آهي. غيرملڪي فنڊنگ ڪيس بابت هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان هن پارٽي جي سپورٽرز کان ملندڙ فنڊنگ کي دستاويزي بڻائڻ جو مڪينزم متعارف ڪرايو هو.
ملڪ کي درپيش بحرانن کي منهن ڏيڻ ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سياسي قوتن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ضروري آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ