آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ خصوصي اقتصادي زونز قازقست??ن جي سيڙپڪارن جي لاءِ کليل آهن، قازقستان پنهنجي واپار کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گوادر ۽ ڪراچي ج?? بندرگاهن مان فائدو کڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه خميس ڏينهن قازقستان ۾ سيڪا سربراهي ا??لاس جي موقعي تي قازقست??ن جي صدر قاسم زومارٽ توڪايوف سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن واپار، گڏيل رابطن ۽ توانائي سميت ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ تي ا??فاق ڪيو. وزيراعظم سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي ا??لاس جي موقعي تي قازقست??ن جي صدر سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي رفتار جو تعين ڪيو ويو هو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي واپار کي سگهارو بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي ا??فاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي، زراعت، ٽيڪنالاجي، لاجسٽڪس، مواصلات ۽ تعميرات جي شعبن ۾ گڏيل منصوبن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ڪاروباري رابطن، عوام سان عوام جي رابطن ۽ سياحت کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون فضائي رابطي جي اهميت کي ا??اگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن جا خصوصي اقتصادي زونز قازقست??ن جي سيڙپڪارن جي لاءِ کليل آهن. هن قازقستان کي پنهنجي واپار کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گوادر ۽ ڪراچ?? بندرگاهن مان فائدو کڻڻ جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم ايشيا ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ اعتمادسازي جي قدمن بابت ڪانفرنس (سيڪا) سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ قازقست??ن جي سرڪاري دوري تي آهي. قازقستان ڇهين سيڪا سربراهي ا??لاس جو چيئر ۽ ميزبان آهي.
پاڪستان ۾ خصوصي اقتصادي زونز قازقستان جي سيڙپڪارن جي لاءِ کليل آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2