بيروت-28 سيپٽمبر (اي پي پي) لبنان جي گ??دي واري شهر بيروت ۾ درجنين فلسطيني پناهگيرن هالينڊ جي سفارتخاني سامهون احتجاجي ڌرڻو هنيو جنهن ۾ فلسطيني اڳواڻ امين ابو راشد جي آز??دي جو مطالبو ڪيو ويو، ج??ڪو تقريبن 3 مهينن کان هالينڊ ۾ حر??ست هيٺ آهي. مظاهرين لبنان ۾ ڊچ سفير کي ابو راشد جي امداد مان فائدو کڻندڙ خاندانن طرفان هڪ يادداشت پيش ڪئ?? جنهن ۾ سندس آز??دي جو مطالبو ڪيو ويو. ڊچ سيڪيورٽي عملدارن گذريل ج??ن ۾ ابو راشد کي گرفتار ڪيو هو ۽ ان تي سلامي تحريڪ مزاحمت حماس سان جڙيل تنظيمن کي رقم موڪلڻ جو الزام لڳايو ويو هو، ڊچ عملدارن ٻڌايو ته هن پنهنجي ڌيءَ جي مدد سان حماس کي 5.5 ملين يورو منتقل ڪيا، جنهن کي ڪيس جي ٻڌڻي تائين آزاد ڪيو ويو، واضح رهي ته ڊچ عملدارن ابو راشد کي بنا ڪنهن ڪيس جي 3 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان حر??ست ۾ رکيو آهي.
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری