گڏيل قومون -09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي نمائندي رياض منصور اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌ بعد اولهه جي ردعمل جي سخت لفظن ۾ مذ??ت ڪندي چيو آهي، ته فلسطينين تي ڪيل ظلم تي عالمي برادري خ??موش تماشائي بڻيل آهي. دنيا کي ٻٽو معي??ر ختم ڪرڻو پوندو. سعودي خ??برو اداري مطابق هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسرائيل کي دفاع جو حق ڏيڻ جي ڳالهه فلسطينين جي قتل عام جو لائسنس ڏيڻ جي برابر آهي. رياض منصور چيو ته سندس ملڪ اسرائيل کي انهن قدمن کان ڪيترائي ڀيرا خبردار ڪيو آهي، پر عالمي برادري ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. هن چيو ته غز?? ۾ ??يڪي ڪجهه ٿيو اهو انهن قدمن جو نتيجو آهي ته اسرائيل کي هاڻي پنهنجو رستو تبديل ڪرڻ گهرجي. هن زور ڀريو ته اسرائيل جي غزه جي گهيراءَ سان شهرين جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اسرائيل کي غزه جو گهيراءُ فوري طور تي خ??م ڪرڻ گهرجي ۽ قتل عام کي روڪڻ لاءِ اسان سان ڳالهائڻ گهرجي. هن چيو ته اسرائيل کان فلسطين جي عوام لاءِ عالمي تحفظ ڪٿي آهي؟ رياض منصور چيو ته جڏهن مظلوم فلسطيني آهن پوءِ عالمي برادري خ??موش آهي، اسان انسان ناهيون جو اسان جي قتل جي اجازت ڏني وڃي ۽ اسرائيلين جي قتل تي اعتراض ڪيو وڃي.
اسرائيل کي دفاع جو حق ڏيڻ فلسطينين جي قتل عام جو لائسنس ڏيڻ جي برابر آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں