والاريل بيت المقدس -11 آڪٽوبر (اي پي پي) فلسطين مزاحمت تحريڪ حماس جي ڪارروائين ۾ هاڻي تائين 1200 کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي چڪا آهن. روس جي خابرو اداري مطابق اسرائيل ج?? ف??ج جي اڳوڻي ترجمان جوناٿن ڪونريڪس سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي اسرائيل جي ڊفينس فورسز جي اڪائونٽ تي پوسٽ ڪئي آهي جنهن ۾ چيو آهي ته اسرائيل تي حماس جي حملن جي نتيجي ۾ 1200 اسرائيلي مارجي ۽ 1200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. هن ٻڌايو ته حماس پنهنجي حملي کي والاريل بيت المقدس ۾ مس??د اقصيٰ خلاف اسرائيلي ڪارروائين جو جواب قرار ڏنو آهي. هن ٻڌايو ته اسرائيل غزه پٽي جو م??مل گهيراءُ ڪيو آهي ۽ اولهندي ڪناري ۾ چڪريون به جاري آهن جڏهن ته لبنان جي سرحد تي توپخان?? مان فائرنگ جي ڏي وٺ به جاري آهي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال