تهران-09 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران چيو آهي ته اسرائيل آمريڪي صدارتي مهم تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ وچ اوڀر ۾ وڏي جنگ شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل باغائي چيو ته اسرائيل آمريڪي صدارتي مهم تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ وچ اوڀر ۾ هڪ وڏي جنگ شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن ايڪس تي جاري پوسٽ ۾ لکيو ته پوري خطي کي هڪ مسلسل وڌندڙ جنگ طرف گهلڻ ۾ قابض اسرائيلي حڪومت جي جلدبازي جو بنيادي مقصد آمريڪا جي ايندڙ چونڊن ۾ بدنيتي سان ??يراڦيري ڪرڻ آهي ۽ انهي ڪري آمريڪا جون سيڪيورٽي ايجنسيون ايران تي آمريڪا جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جا ڪوڙا الزام لڳائي رهيون آهن. واضح رهي ته آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون 5 نومبر تي ٿينديون. موجوده آمريڪي صدر جوبائي??ن جي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊون وڙهڻ جي اميد ڪئي پئي وئي پر آمريڪا جي اڳوڻي صدر ٽرمپ سان جون ۾ ٿيل بحث ۾ سندس بدترين ڪارڪردگي کانپوءِ هن صدارتي چونڊن تان ??ٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پنهنجي جاءِ تي هن نا??ب صدر ڪملا هيرس جي نامزدگي جي حمايت ڪئي.
اسرائيل آمريڪي صدارتي مهم تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ وچ اوڀر ۾ وڏي جنگ شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي: ايران
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada