ڪوالالمپور-28 نومبر (اي پي پي) ملائيشيا ج?? وزيراعظم انور ابراهيم چيو آ??ي ته ملڪ جي 6 رياستن ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ آيل ٻوڏ سبب 37 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن. جڏهن ته انه?? ماڻهن جي رهائش لاءِ عارضي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پارليامينٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٿائيلينڊ جي سرحد سان لاڳاپيل اتر اوڀر رياست ڪيلانٽن ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي جتي 9 هزار کان وڌيڪ ڪٽنب متاثر ٿيا آهن. هن ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي کي سمورن وفاقي ۽ رياستي ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثرن جي رهائش جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي. واضح رهي ته هر سال آڪٽوبر کا?? مارچ تائين سانوڻي جي برساتن دوران ملائيشيا ج?? اوڀر طرف سامونڊي ڪناري وارن علائقن ۾ ٻوڏ اچڻ معمول جي ڳالهه آهي جتي هر سال هزاري?? ماڻهو بي گهر ٿيندا آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر