غزه -27 نومبر (اي پي پي)اسرائيل طرفان غزه ۾ امدادي سامان جي فراهيم جي اجازت ڏيڻ کان پوءِ هڪ فلنگ اسٽيشن تي گئس سلينڊر حاصل ڪندڙ شهرين جون قطارون 2 ڪلوميٽرن تائين ڊگه??ون ٿي و??ون آهن. الجزيره مطابق اها ڳالهه فلسطين ۾ گڏيل قومن جي انساني همدردي تحت ڪم ڪندڙ اداري (يو اين او سي ايڇ اي) طرفان جاري بيان ۾ چئي وئي آهي. بيان ۾ چيو ويو ته ماڻهو کاڌو پچائڻ لا??ِ گئس سلنڊر ٻيهر ڀرائڻ لاءِ 2 ڪلوميٽر ڊگهي قطارن ۾ سڄي رات بيٺا رهيا. اهي لائيون ڏکڻ غزه جي خان يونس ۾ هڪ فلنگ اسٽيشن ٻاهر ان وقت لڳ??ون جڏهن اسرائيل 7 آڪٽوبر کان پوءِ پهر??ون ڀيرو غزه ۾ کاڌو پچائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ گئس سميت امدادي سامان داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني هئي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز