واشنگٽن-12 ڊسمبر (اي پي پي) وائيٽ هائوس جي ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته آمريڪا کي ان رپورٽن تي ڳڻتي آهي ته اسرائيل غزه ۾ ڪاررواين دوران وائيٽ فاسفورس استعمال ڪري ره??و آهي ۽ ان معامل?? تي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. العربيه اردو مطابق هن صحافين کي ٻُڌايو ته وائيٽ فاسفورس تي ٻڌل گوله ??ارود جو جائزو فوجي مقصد هوندو آهي جڏهن ته انهن سمورين صورتن ۾ اهڙيءَ طرح جا گوله ??ارود هٿ ڪيا ويندا آهن. هن چيو ته ان ملڪ کي توقع آهي ته وائيٽ فاسفورس قانون مطابق هٿياربند تڪرار ۾ ان کي جائز مقصدن لاءِ استعما?? ڪيو ويندو. جان ڪربي چيو ته آمريڪا وچ اوڀر ۾ تڪرارن کي وڌائڻ نٿو چاهي، اسان ٻيهر محاذ نٿا ڏسڻ چاهيون ۽ نه ئي جنگ ۾ توسيع جا خواهشمند آهيون. انهن خبرن جي روشنيءَ ۾ اسان به فڪرمند آهيون جن ۾ لبنان ۾ وائيٽ فاسفورس جي استعمال جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ياد ره?? ته آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ پنهنجي رپورٽ ۾ ٻُڌايو ته اسرائيل آڪٽوبر ۾ ڏکڻ لبنان تي حملن دوران آمريڪا طرفان فراهم ڪيل وائيٽ فاسفورس گوله ??ارود استعما?? ڪيو. هن تصديق ڪئي ته اخبار طرفان گوله ??ارود جي ٽڪڙن ۽ واقعي واري هنڌ تان ورتل تصويرن جي تجزيي جي بنياد تي اهو نتيجو ڪڍيو آهي.
اسرائيل طرفان وائيٽ فاسفورس جي استعمال تي ڳڻتي آهي: وائيٽ هائوس ترجمان
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا