گڏيل قومون-28 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ روس جي مستقل نمائندي واسيلي نيبنزيا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي وچ اوڀر بابت آمريڪي ٺهرا??ُ جي حمايت نه ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اهي دستاويز فلسطيني شهرين کي مارڻ واري لائسنس کانسواءِ ڪجهه به ??اه??، هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته آمريڪا پاران تجويز ڪيل غزه تي سلامتي ڪائون??ل جي ٺهرا??ُ جي متبادل مسودي ۾ جنگ بندي جو مطالبو ??اه?? ۽ ان جو مقصد اسرائيلي ڪارروائي تي گڏيل قومن جي امدادي ڪاررواين کي وڌائڻ آهي. هن چيو ته اسان ڪائون??ل جي ميمبرن کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي ان آمريڪي ٺهرا??ُ جي حمايت نه ڪن. هن وڌيڪ چيو ته فوري جنگ بندي ۽ اسرائي?? پاران عالمي انساني قانون جي تعميل غزه ۾ وڏي پئماني تي غذائي کوٽ کي روڪڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي. هن نشاندهي ڪئي ته هن وقت غزه لاءِ جنگ بندي، محفوظ ۽ بنا ڪنهن رڪاو?? جي انساني راهدارين جي تخليق سڀ کان اهم آهي. واضح رهي ته 20 فيبروري تي آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونس?? پاران غزه ۾ فوري جنگ بندي لاءِ هڪ ٺهرا??ُ جي منظوري کي روڪيو هو. روس ۽ چين سميت سلامتي ڪائون??ل جي 15 ميمبرن کان 13 الجزائر پاران پيش ڪيل دستاويزن جي حق ۾ ووٽ ڏنو، برطانيه ان ٺهراءُ کي رد ڪيو ۽ آمريڪا ان ٺهراءُ کي ويٽو ڪري ڇڏيو.
روس طرفان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزه بابت آمريڪي مسودي جي حمايت نه ڪرڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام