ڊيووس – 19 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ناروي واپار، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي تعاون وڌائڻ جي عزم جو ??ظهار ڪيو آهي، جڏهن ته ناروي جي وزيراعظم پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ ک??يل قدمن کي ساراهيو آهي. گذريل ڏينهن عالمي اقتصادي فورم جي 47 هين اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد نواز ش??يف ناروي جي پنهنجي هم منصب ارنا سولبرگ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم نواز ش??يف ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ناروي سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جولائي 2015ع ۾ پنهنجي ناروي جي مثبت دوري، سيپٽمبر 2015ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ساڻس ملاقات جو ??ه نواز ش??يف حوالو ڏنو.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز