حويلي بهادر شاهه (جهنگ) – 07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر شعبي ۾ حقيقي معنيٰ ۾ انقلاب اچي رهيو آهي، پاڪستان تبديل ٿي رهيو آهي، اهو وقت پري نه آهي جڏهن پاڪستان ترقي يافته ملڪن جي پهرين صف ۾ شامل هوندو، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري پنهنجو فرض ادا ڪري رهيا آهيون، اسان جي سياسي مخالفن کي اها ت??لي?? آهي ته پاڪستان ترقي جي بلندين تائين پهچي رهيو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار حويلي بهادر شاهه پاور پلا??ٽ ج?? 760 ميگاواٽ جي پهرين يو??ٽ جي افتتاح کانپوءِ ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم تختي جي نقاب ڪشائي ڪري منصوبي جو افتتاح ڪيو جيڪو 21 مهينن جي رڪارڊ گهٽ مدي ۾ مڪمل ٿيو. وزيراعظم پل??نٽ ڪنٽرول روم جو پڻ دورو ڪيو ۽ حويلي بهادر شاهه پاور پلا??ٽ جي سي اي او راشد محمود لنگڙيال منصوبي بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته اها تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي جو منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي رڳو 21 مهينن کانپوءِ هو هتي اچي ان جو افتتاح ڪري رهيو آهي، 21 مهينا اڳ منصوبي جي جاءِ تي ٻني ۽ ميدان هئا، 21 مهينن ۾ ايترو وڏو منصوبو مڪمل ٿيڻ ناقابل يقين آهي.
پاڪستان ۾ هر شعبي ۾ حقيقي معنيٰ ۾ انقلاب اچي رهيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2