اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پي آءِ اي سي ايل جي ڪمرشل باروئنگ گارنٽي جي حد وڌائڻ ۽ ڪڻڪ جي گهٽ ۾ گهٽ امدادي قيمت 1300 رپيا في مڻ جي ??طح تي برقرار رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي جو ا??لا?? ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ ٿيو. اي سي سي پي آءِ اي سي ايل جي ڪمرشل باروئنگ گارنٽي جي حد 13.585 ارب رپين تائين وڌائڻ جي تجويز جي منظوري ڏني. شهيدن جي خاندانن کي رليف جي فراهمي لاءِ اي سي سي انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي سيڪنڊ شيڊيول جي شق (6) پارٽي III ۽ شق (36A) پارٽ فور ۾ ”اينڊ شهيد فيملي ويلفيئر اڪائونٽ“ جا لفظ شامل ڪرڻ بابت تجويز جي پڻ منظوري ڏني. اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪڻڪ جي فص?? لاءِ سال 18 – 2017ع جي گهٽ ۾ گهٽ امدادي قيمت گذريل سال جي ??طح تي برقرار رکڻ جي منظوري ڏني جيڪا 1300 رپيا في مڻ آهي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز