بيجنگ – 26 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري ??فا??ي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان، چين ۽ افغانستان ??چ ۾ ٽه ڌري قيام جي نظام سان ??ه طرفي ناتن کي استحڪام ملندو، جڏهن ته اختلاف ختم ڪرڻ ۽ ٺوس نتيجا ??اص?? ڪرڻ لاءِ مربوط ڪوششون استعمال ڪري سگهبيون. اهو فورم افغانستان ۾ جٽادار امن جي قيام ۽ ٽنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ ۾ انتهائي مددگار ثابت ٿيندو. اهڙو اظهار هن پاڪ چين افغان ??رڏيهي وزيرن جي پرڏيهي ڊائلاگ ۾ شرڪت بعد چيني پرڏيهي وزير وانگ زي ۽ افغان ??رڏيهي وزير صلاح الدين رباني سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. خواجه آصف چيو ته معيشت، سيڪيورٽي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ مواصلاتي رٿابندي جي سهڪار، ٽنهي ملڪن ۾ امن، استحڪام، اقتصادي خوشحالي ۽ ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔