اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪشمير جي سرزمين تان اڀرندڙ خالص مقامي تحريڪ کي بدنام ڪرڻ جي لاء?? ڀارت سدائين ڪڌا حربا اختيار ڪندو آيو آهي، تازين اطلاعن موجب هاڻي دنيا جي مختلف حصن ۾ سرگرم بدنام عسڪريت پسندن کي والاريل ڪشمير ۾ متحرڪ ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش جاري آهي ته جيئ?? آزادي جي حقيقي تحريڪ کي سبوتاز ڪري سگهجي، اهو منصوبو انتهائي خطرناڪ آهي جنهن جا نتيجا تباهي آڻيندڙ ??وندا، عالمي برادري ڪشميري عوا?? کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪري ته جيئن خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. هن اها ??ال??ه ايوان صدر ۾ ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي چئي.
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی