اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي منصو??ن جي حوالي سان منظوري جو عمل مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻيلن جو تحفظ ضروري آهي، رڪارڊ ڊجيٽلائيز ٿيڻ سان قبضا مافيا ۽ غير قانوني اڏاوتن جي روڪٿام ۾ به مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪند?? ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل پاڪستان بلڊنگ ڪوڊ کي نظر ۾ رکندي گهٽ لاڳت ??ار?? گهرن جي حوالي سان قومي معيار (نيشنل اسٽينڊرڊ سپيسي فيڪيشنز) جوڙيا ويا آهن. ان معيار تي سمورن صو??ن جي مشاورت ۽ رضامندي شامل آهي. اهو مفصل ڪوڊ چئن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ جوڙيو ويو آهي. وزيراعظم گهٽ لاڳت ??ار?? گهرن جي حوالي سان هڪجهڙي معيار تي ٻڌل ڪوڊ جوڙڻ تي پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ۽ ٻين جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم کي پنجاب صوبي ۽ سنڌ صوبي ۾ هائوسنگ منصو??ن جي حوالي سان هيستائين مليل منظورين ۽ ايراضي جي باري ۾ بريفنگ ڏني، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته هن وقت تائين 25607 درخواستون مليون آهن، جيڪي 120.84 ملين چورس فوٽ تي تعميرات جي حوالي سان هيون، انهن د??خواستن مان 17572 درخواستون منظور ڪيون ويون آهن، جنهن جي زمين 64.29 ملين چورس فوٽ آهي، منظور ٿيل منصوبن ۾ رهائشي منصو??ن جي ايراضي 46.09 ملين چورس فوٽ جڏهن ته ڪمرشل تعميرات جي ايراضي 17.56 ملين چورس فوٽ آهي، باقي ايراضي تي تعميراتي منصو??ن جون د??خواستون غور هيٺ آهن. سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته سنڌ صوبي ۾ هيستائين پبلڪ سيل جي تقريبن 33 منصو??ن جي منظوري ڏني وئي آهي.
تعميراتي منصوبن جي حوالي سان منظوري جو عمل مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں