بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ انڊونيشيا جي صدر جوڪو ويدودو سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. چيني ميڊيا رپورٽس موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ”بيلٽ اينڊ روڊ فورم“ جي موقعي تي ٿي، انڊونيشين صدر عالمي تعاون بابت بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ چين جي سرڪاري دوري تي آهي. ملاقات ۾ شي جن پنگ نشاندهي ڪئي ته انڊونيشيا اها پهري?? جڳهه آهي جتي هن 21 هين صدي جي ميري ٽائيم سلڪ روڊ جي تعمير ??ي تجويز ڏني، گذريل 10 سالن دوران ”بيلٽ اينڊ روڊ“ جي گڏيل تعمير ۾ چين ۽ انڊونيشيا جو تعاون خطي ۾ سڀ کان اڳتي رهيو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي ??مام گهڻو فائدو پهتو آهي ۽ اهو ”بيلٽ اينڊ روڊ“ تحت تعاون جو اهم نمونو بڻجي ويو آهي. هن چيو ته ”بيلٽ اينڊ روڊ“ جي گڏيل تعمير ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ اتحاد، گڏيل تعاون ۽ پاڻڀرائپ کي ??اهر ڪري ٿو، چين انڊونيشيا سان ??ڏيل تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تيار آهي.
چين جي صدر ۽ انڊونيشيا جي صدر ۾ ملاقات، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo