واشنگٽن – 15نومبر (اي پي پي) آمريڪي ٽيڪنالوجي ڪمپني ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي باني ايلون مسڪ گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير سان ملا??ات ڪئي آهي. آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز پنهنجي رپورٽ ۾ ٻن ايراني اختيارين جو حوالو ڏيندي آمريڪي ارب پتي شخصيت ايلون مسڪ ۽ گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير امير سعيد ايراواني وچ ۾ ملا??ات کي مثبت قرار ڏنو آهي. نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم دوران سندس ڀرپور حمايت کان پوءِ آمريڪي سياست ۾ ايلون مسڪ جي اث?? و رسوخ ۾ اضافو ٿيو ۽ نئين چونڊيل صدر کيس پنهنجي انتظاميا ۾ اهم ڪردار ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اخبار جو چوڻ آهي ته ايلون مسڪ ۽ ايراني سفير ڳجهي هنڌ هڪ ڪلاڪ کان به وڌيڪ ملا??ات ڪئي. نه ته ٽرمپ جي ٽيم ۽ نه ئي گڏيل قومن ۾ ايراني مشن ملا??ات جي تصديق ڪئي، پر ايراني عهديدارن پاران ان ملا??ات جي تصديق مان اندازو لڳائي س??هجي ٿو ته ڊونلڊٽرمپ ايران سان سفارتڪاري ۾ سنجيده آهي. پنهنجي گذريل صدارتي دور ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي ايٽمي پروگرام تي اڳ واري صدر باراڪ اوباما جي دور ۾ طئي ٿيل معاهدي کي ٽوڙي ڇڏيو هو، ان کان علاوه هن ايران تي پابندين ۾ اضافو ڪري وڌ کان وڌ دٻاءُ جي پاليسي تي عمل ڪيو هو.
آمريڪي ارب پتي ايلون مسڪ جي گڏيل قومن ۾ ايراني سفير سان ملاقات مثبت رهي: نيويارڪ ٽائمز
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ